سانگي نذير احمد، ڊاڪٽر

سانگي نذير احمد، ڊاڪٽر

نذير احمد سانگي ڊاڪٽر

نذير احمد سانگي، ڊاڪٽر: تعليمدان ۽ آءِ. ٽي جو ماهر ڊاڪٽر نذير احمد سانگي هن وقت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد جو وائيس چانسلر آهي. هن 1981ع ڌاري مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج، ڄام شوري مان گريجوئيشن ڪندي گولڊ ميڊل ماڻيو ۽ پوءِ انگلنڊ پڙهڻ ويو، جتان Advanced Manufacturing System and Technology- CAD/ CAM and Database جي عنوان تي لائيو پول يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. اعليٰ قابليت عيوض مهراڻ يونيورسٽيءَ پاران کيس Bibby اوارڊ (1986ع) ۽ اسـپيـشـل گـرانٽ (1987- 1985ع) مليا. قومي سطح تي ٿيندڙ ڪيترن مقابلن ۾ يونيورسٽيءَ جي نمائندگي ڪري اوارڊ پڻ ماڻيائين. ڊاڪٽر نذير سانگي، نيشنل پي. جي ڪاليج آف انفرميٽڪس اسلام آباد ۾ ڪنسلٽنٽ ٽرينر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ لڳاتار مختلف ادارن ۾ نمايان عهدن تي ڪم ڪيائين، جن ۾ پراجيڪٽ آفيسر ۽ ايگزيڪيوٽوِ انجنيئر سئي سدرن گئس ڪمپني (89-1982ع)، ڊپٽي جنرل مئنيجر ايڇ. ايم. سي ٽيڪسيل، راولپنڊي (92-1989ع)، ايسوسيئيٽ پروفيسر اين. يو. ايس. ٽي (NUST) راولپنڊي (94-1992ع)، پراجيڪٽ انچارج زيبسٽ ڪراچي (99- 1995ع) پروفيسر، چيئرمئن ڊائريڪٽر ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد (2010- 1999ع)، ڊين فئڪلٽي آف سائنس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي (2010- 2009ع). 2010ع ۾ کيس يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر نذير سانگي ڪيترا تحقيقي مقالا لکي بين الاقومي ۽ قومي سطح تي ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ پڙهيا، جن مان ڪيترائي شايع ٿيا آهن. هي سٺو ٽرينر پڻ رهي چڪو آهي. مختلف رٿائن جي ڪاميابيءَ تي کيس ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن شاگردن ايم. فل ڪئي آهي. سندس نگرانيءَ ۾ محمد دائود خٽڪ ’ملٽي ميڊيا‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. هي گذريل چوڏهن سالن کان اليڪٽرانڪ لرننگE-Learning جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. پاڪستان سميت برطانيا ۽ آمريڪا جي ڪجهه سماجي ادارن جو ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو